29 جڏھن ھو زيتون واري ٽڪر وٽ بيتفگاہ ۽ بيتعنياہ ڳوٺن جي ويجھو آيو تہ ھن ٻن شاگردن کي ھي ھدايتون ڏيئي اڳواٽ موڪليو تہ
30 ”اڳئين ڳوٺ ۾ وڃو ۽ جيئن اوھين ان ۾ گھڙندا تہ ھڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنھن تي اڃا تائين ڪنھن بہ ماڻھوءَ سواري نہ ڪئي آھي. ان کي ڇوڙي ھتي ڪاھي اچو.
31 جيڪڏھن ڪو اوھان کان کڻي پڇي تہ ’ان کي ڇو ٿا ڇوڙيو،‘ تہ اوھين چئجوس تہ ’سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي.‘“
32 سو اھي پنھنجو رستو وٺي ويا ۽ جيئن عيسيٰ چيو ھون تيئن ئي ڏٺائون.
33 جيئن ئي کودڙو ڇوڙين پيا تہ ان جي مالڪ کين چيو تہ ”اوھين ھن کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“
34 ھنن ورندي ڏني تہ ”سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي.“
35 پوءِ کودڙي کي عيسيٰ وٽ ڪاھي آيا ۽ ان جي مٿان پنھنجا ڪپڙا وجھي عيسيٰ کي ان تي سوار ڪيائون.