2 سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ چپ چاپ ۾ عيسيٰ کي مارائي ڇڏين، ڇوتہ اھي خلق کان بہ ڊنا ٿي.
3 تڏھن ٻارھن شاگردن مان ھڪڙي يھوداہ، جنھن کي اسڪريوتي بہ چوندا ھئا، تنھن جي دل ۾ اچي شيطان گھڙيو.
4 ھن وڃي سردار ڪاھنن ۽ ھيڪل جي حوالدارن سان صلاح ڪئي تہ ڪھڙيءَ ريت ھو عيسيٰ کي سندن حوالي ڪري.
5 تنھن تي اھي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ھن کي پيسن جي آڇ ڪيائون.
6 ھن قبول ڪيو ۽ موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ جڏھن ميڙ نہ ھجي تہ ھو عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري.
7 بيخميري مانيءَ جي عيد جو اھو ڏينھن آيو جنھن تي عيد فصح جي قرباني ڏيڻ ضروري ھئي.
8 تڏھن عيسيٰ پطرس ۽ يوحنا کي موڪليو تہ ”وڃو ۽ اسان لاءِ عيد فصح تيار ڪريو تہ اسين کائون.“