35 عيسيٰ ھنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏھن مون اوھان کي ڳوٿريءَ، ٻاچڪي يا جتيءَ کان سواءِ موڪليو ھو، تہ ڇا اوھان کي ڪا ٻي بہ گھرج ھئي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن شيءِ جي بہ نہ.“
36 تڏھن عيسيٰ چين تہ ”ھاڻي جنھن کي بہ ڳوٿري ھجي تہ اھا کڻي، جنھن کي بہ ٻاچڪو ھجي تہ اھو کڻي ۽ جنھن کي بہ تلوار نہ ھجي تہ اھو پنھنجو پھراڻ وڪڻي بہ اھا خريد ڪري.
37 ڇالاءِجو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو لکيل آھي تہ ’ھو گنھگارن ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آھي. بيشڪ جيڪو منھنجي بنسبت لکيل آھي سو پورو ٿيڻ وارو آھي.“
38 تنھن تي شاگردن چيس تہ ”اي خداوند! اِجھو، ھي ٻہ تلوارون آھن.“ ھن چيو تہ ”بس، بس.“
39 پوءِ ھو ٻاھر نڪري پنھنجي دستور موجب زيتون جي ٽڪر تي ويو ۽ شاگرد بہ ساڻس گڏ ھليا.
40 جڏھن ھو انھيءَ جاءِ تي پھتو تہ انھن کي چيائين تہ ”دعا گھرو تہ شل اوھين آزمائش ۾ نہ پئو.“
41 پوءِ ھو پاڻ انھن کان ٿورو پرڀرو وڃي گوڏا کوڙي دعا گھرڻ لڳو تہ