1 تڏھن سڄي ڪائونسل وارا اٿي کڙا ٿيا ۽ عيسيٰ کي پلاطس وٽ وٺي آيا.
2 اتي مٿس تھمتون ھڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آھي تہ ھيءُ ماڻھو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻھن کي قيصر جي ڍل ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح بادشاھہ آھيان.‘“
3 پلاطس ھن کان پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”اھو تہ اوھين ٿا چئو.“
4 تنھن تي پلاطس سردار ڪاھنن ۽ ماڻھن کي چيو تہ ”ھي مون کي ڪنھن بہ طرح ڏوھي ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“