23 پر اھي واڪا ڪري زور رکي چوندا رھيا تہ ”صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“ ائين گوڙ ڪري پنھنجي ڳالھہ مڃائي ويا.
24 تنھن تي پلاطس فتويٰ ڏني تہ ”سندن عرض قبول پوي.“
25 ھن انھيءَ ماڻھوءَ کي ڇڏي ڏنو جنھن لاءِ ھو چاھين پيا، جيڪو ھڪ فساد ۾ خون ڪرڻ ڪري جيل ۾ پيو ھو. پر عيسيٰ کي انھن جي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ سپاھين جي حوالي ڪيائين.
26 جيئن سپاھي عيسيٰ کي وٺي پئي ويا تہ شمعون ڪرينيءَ نالي ھڪڙو ماڻھو کين مليو، جيڪو ٻھراڙيءَ مان شھر ڏانھن پئي آيو، تنھن کي پڪڙي صليب کڻي مٿانئس رکيائون تہ ھو اھو عيسيٰ جي پٺيان کڻي ھلي.
27 ھن جي پٺيان ماڻھن جو وڏو ميڙ ھو. انھن ۾ ڪي عورتون بہ ھيون جيڪي ھن لاءِ روئنديون ۽ سينا پٽينديون پئي آيون.
28 عيسيٰ ڦري ھنن کي چيو تہ ”اي يروشلم جون نياڻيون! منھنجي لاءِ نہ روئو، پر پنھنجي لاءِ ۽ پنھنجن ٻچن لاءِ روئو،
29 ڇالاءِجو اھي ڏينھن اچن پيا جڏھن ماڻھو چوندا تہ ’سڀاڳيون آھن اھي عورتون جيڪي سنڍ آھن، جن ڪڏھن بہ ٻار نہ ڄڻيا آھن ۽ نہ ڪڏھن ٿڃ پيئاري اٿائون.‘