41 اسان کي جيڪا سزا ملي آھي سا حقي واجبي آھي، ڇوتہ اسان ائين ئي ڪيو ھو، پر ھن تہ ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي.“
42 پوءِ ھن عيسيٰ کي چيو تہ ”اي عيسيٰ! جڏھن اوھين بادشاھہ ٿي اچو، تڏھن مون کي ياد ڪجو.“
43 عيسيٰ ان کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڄ ئي تون مون سان گڏ بھشت ۾ ھوندين.“
44 تڏھن منجھند جي مھل کان وٺي ٽپھريءَ تائين سڄي ملڪ تي اوندھہ ڇانيل رھي.
45 سج ڪاراٽجي ويو ۽ ھيڪل جو پردو ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو.
46 عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ پنھنجو روح تنھنجي ھٿن ۾ ٿو سونپيان.“ بس ايترو چئي دم ڏنائين.
47 ھي سڀ ڏسي فوجي صوبيدار خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو، ۽ چيائين تہ ”بيشڪ ھي ھڪ نيڪ ماڻھو ھو.“