48 جيڪي ماڻھو ھن واقعي کي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا ھئا، سي پنھنجا سينا پٽيندا گھرن ڏانھن موٽيا.
49 پر اھي جيڪي عيسيٰ کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا ۽ عورتون جيڪي گليل کان ساڻس گڏجي آيون ھيون، تن پري کان بيٺي اھي ڳالھيون ٿيندي پئي ڏٺيون.
50 يوسف نالي ھڪڙو ڪائونسل جو ميمبر ھو، جو نيڪ ۽ عزت وارو ماڻھو ھو.
51 ڪائونسل جي ميمبر ھوندي بہ ھن انھن جي راءِ ۽ فيصلي کي قبول نہ ڪيو. ھو يھودين جي شھر ارمٿيا جو رھاڪو ھو ۽ خدا جي بادشاھت جي انتظار ۾ ھو.
52 ھو پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عيسيٰ جي لاش جي گھُر ڪيائين.
53 پوءِ ھن لاش ھيٺ لھرايو ۽ اُچي ڪفن ۾ ويڙھي قبر ۾ رکيائين، جيڪا ھڪ ٽڪر تي کوٽيل ھئي ۽ اڳ استعمال نہ ٿيل ھئي.
54 اھو جمعي جو ڏينھن، يعني يھودين جي تياريءَ جو ڏينھن ھو ۽ سبت شروع ٿيڻ وارو ھو.