لوقا 7:22-28 SCLNT

22 عيسيٰ چين تہ ”جيڪي ڪجھہ اوھان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا ھلن ٿا، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا پاڪ صاف ٿين پيا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مُڙدا جيئرا ٿين ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.

23 سڀاڳو آھي اھو جنھن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آھي.“

24 جڏھن يحيٰ جا قاصد موٽي ويا، تڏھن عيسيٰ ميڙن کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوھين رڻ⁠پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟

25 پر آخر ٻاھر ڇا ڏسڻ ويا؟ ڀلا سٺن ڪپڙن پاتل ماڻھوءَ کي؟ جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا ۽ عيش ۽ مزي ۾ گذارين ٿا سي بادشاھي محلن ۾ ھوندا آھن.

26 پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا؟ ڇا ھڪ نبيءَ کي؟ ھا تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوھان کي ٻڌايان تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي.

27 يحيٰ اھو آھي جنھن بابت لکيل آھي تہ ’ڏس، آءٌ پنھنجي پيغمبر کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ ھو تنھنجو رستو تو لاءِ تيار ڪري.‘

28 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪي⁠بہ ماءُ جي پيٽان نڪتا آھن، انھن ۾ يحيٰ کان ڪوبہ وڏو نہ آھي. تنھن ھوندي بہ خدا جي بادشاھت ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آھي سو يحيٰ کان وڏو آھي.“