44 پوءِ انھيءَ عورت ڏانھن منھن ڪري شمعون کي چيائين تہ ”ھن عورت کي ڏسين ٿو؟ آءٌ تنھنجي گھر آيس تہ تو مون کي پيرن ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر ھن منھنجا پير پنھنجن ڳوڙھن سان ڌوتا ۽ پنھنجن وارن سان اُگھيا آھن.
45 تو مون کي چميو بہ ڪين، پر جيئن آءٌ آيو آھيان تہ ھن منھنجي پيرن کي چمڻ کان بس ئي ڪين ڪئي آھي.
46 تو منھنجي مٿي کي تيل نہ مکيو پر ھن تہ منھنجي پيرن کي عطر مکيو آھي.
47 انھيءَ ڪري آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ ھن جا گناھہ، جيڪي گھڻا ھئا بخشيا ويا آھن، تنھنڪري ھن گھڻو پيار ڪيو آھي. پر جنھن جا گناھہ ٿورا ھئا جيڪي بخشيا ويا، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.“
48 پوءِ انھيءَ عورت کي چيائين تہ ”تنھنجا گناھہ بخشيا ويا.“
49 تڏھن جن عيسيٰ سان گڏ دسترخوان تي ويٺي کاڌو سي پنھنجيءَ دل ۾ چوڻ لڳا تہ ”ھيءُ ڪير آھي جو گناھہ بہ بخشي ٿو؟“
50 پر عيسيٰ انھيءَ عورت کي چيو تہ ”تنھنجي ايمان تو کي بچايو آھي، دلجاءِ سان ھلي وڃ.“