6 عيسيٰ انھن ماڻھن سان گڏجي ھليو. اڃا صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پھتو تہ ھن کيس پنھنجن ماڻھن ھٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سائين! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انھن ڳُڻن لائق نہ آھيان جو اوھين منھنجي جھوپڙيءَ ۾ اچو،
7 نڪي مون پاڻ کي لائق سمجھيو جو اوھان وٽ اچان. پر اوھين کڻي رڳو حڪم ڪريو تہ منھنجو نوڪر ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندو.
8 آءٌ پڻ ٻين جو زيردست آھيان ۽ منھنجي ھيٺان بہ سپاھي آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي چوان ’وڃ‘ تہ ھو ويندو ۽ ڪنھن کي چوان ’اچ‘ تہ ھو ايندو ۽ جي پنھنجي نوڪر کي چوان تہ ’ھي ڪم ڪر‘ تہ ھو ڪندو.“
9 عيسيٰ اھو ٻڌي ھن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻھو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانھن منھن ورائي کين چيائين تہ ”مون ايڏو ايمان بني اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو.“
10 جڏھن صوبيدار جا ماڻھو گھر موٽي آيا تہ ڏٺائون تہ نوڪر بلڪل چاق ھو.
11 ان کان پوءِ عيسيٰ نائين نالي شھر ۾ ويو ۽ ھن سان گڏ شاگرد ۽ ھڪ وڏو ميڙ ھو.
12 جڏھن شھر جي دروازي جي ويجھو پھتو تہ ڏٺائين تہ ماڻھو ھڪڙي مُڙدي کي ٻاھر کنيو پئي ويا. اھو ماءُ جو اڪيلو پٽ ھو، جيڪا رنزال ھئي. شھر جا ڪيترائي ماڻھو ان سان گڏ ھئا.