14 پر آخرت جي ڏينھن صور ۽ صيدا کان وڌيڪ اوھين ڀوڳيندا.
15 اي ڪفرناحوم! ڇا تون ڀانئين ٿو تہ تون عرش تي کڄي ويندين؟ ھرگز نہ، بلڪ تون تہ پاتال ۾ ڦٽو ڪيو ويندين.“
16 عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جيڪو اوھان جي ٻڌي ٿو، سو ڄڻ منھنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوھان کي نہ ٿو مڃي، سو ڄڻ مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي سو ڄڻ خدا کي نہ ٿو مڃي جنھن مون کي موڪليو آھي.“
17 پوءِ اھي ٻاھتر ڄڻا ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي خداوند! اوھان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع ٿيا آھن.“
18 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”مون شيطان کي وڄ وانگر آسمان مان ڪرندي ڏٺو آھي.
19 ڏسو، مون اوھان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آھي تہ نانگن ۽ وِڇن کي لتاڙي ڇڏيو ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ڪابہ شيءِ اوھان کي ايذاءُ نہ رسائيندي.
20 انھيءَ ڪري خوش نہ ٿيو تہ ڀوت اوھان جي تابع ٿيا آھن، پر ھن ڪري خوش ٿيو جو اوھان جا نالا بھشت ۾ اُڪريل آھن.“