لوقا 10:18-24 SCLNT

18 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”مون شيطان کي وڄ وانگر آسمان مان ڪرندي ڏٺو آھي.

19 ڏسو، مون اوھان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آھي تہ نانگن ۽ وِڇن کي لتاڙي ڇڏيو ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ڪابہ شيءِ اوھان کي ايذاءُ نہ رسائيندي.

20 انھيءَ ڪري خوش نہ ٿيو تہ ڀوت اوھان جي تابع ٿيا آھن، پر ھن ڪري خوش ٿيو جو اوھان جا نالا بھشت ۾ اُڪريل آھن.“

21 انھيءَ وقت عيسيٰ پاڪ روح جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ ھن چيو تہ ”اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ! آءٌ تنھنجو احسانمند آھيان جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن تي ظاھر ڪيون اٿيئي. ھائو بابا، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي رضا ۽ خوشي انھيءَ ۾ ھئي.“

22 ”منھنجي پيءُ مون کي سڀني شين تي اختياري ڏني آھي. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آھي ۽ پٽ کان سواءِ ڪنھن کي بہ خبر نہ آھي تہ پيءُ ڪير آھي يا جن تي پٽ اھو ظاھر ڪري.“

23 پوءِ عيسيٰ شاگردن ڏانھن ڦري انھن کي پنھنجيءَ پَرِ ۾ چيو تہ ”سڀاڳا آھيو اوھين جو ھي سڀ ڪجھہ ڏسو ٿا پيا.

24 ڇوتہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترن ئي نبين ۽ بادشاھن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ٿا ڏسو، سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٿا ٻڌو، سو اھي بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“