لوقا 10:22-28 SCLNT

22 ”منھنجي پيءُ مون کي سڀني شين تي اختياري ڏني آھي. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آھي ۽ پٽ کان سواءِ ڪنھن کي بہ خبر نہ آھي تہ پيءُ ڪير آھي يا جن تي پٽ اھو ظاھر ڪري.“

23 پوءِ عيسيٰ شاگردن ڏانھن ڦري انھن کي پنھنجيءَ پَرِ ۾ چيو تہ ”سڀاڳا آھيو اوھين جو ھي سڀ ڪجھہ ڏسو ٿا پيا.

24 ڇوتہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترن ئي نبين ۽ بادشاھن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ٿا ڏسو، سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٿا ٻڌو، سو اھي بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“

25 تنھن کان پوءِ شريعت جو ھڪڙو عالم اٿي بيٺو ۽ عيسيٰ کي آزمائڻ لاءِ چيائين تہ ”اي استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪري سگھان؟“

26 تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”شريعت ۾ ڇا لکيل آھي؟ تون پڙھڻ وقت ڇا ٿو سمجھين؟“

27 ھن عيسيٰ کي وراڻيو تہ ”’تون خداوند پنھنجي خدا کي پنھنجي سڄيءَ دل، پنھنجي سڄيءَ جان، پنھنجي سڄيءَ طاقت ۽ پنھنجي سڄيءَ سمجھہ سان پيار ڪر‘ ۽ ’پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.‘“

28 تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”تو پورو جواب ڏنو آھي. ائين ئي ڪر تہ دائمي زندگي ملندءِ.“