لوقا 11:1-7 SCLNT

1 ھڪڙي دفعي ڪنھن ھنڌ عيسيٰ دعا پئي گھري. جڏھن دعا گھري چڪو تڏھن سندس شاگردن مان ھڪڙي چيس تہ ”اي خداوند! جھڙيءَ طرح يحيٰ پنھنجن شاگردن کي دعا سيکاري ھئي، تھڙيءَ طرح اسان کي بہ دعا سيکاريو.“

2 عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جڏھن اوھين دعا گھرو تہ ھيئن چئجو:’اي بابا! شل تنھنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي،۽ تنھنجي بادشاھت اچي.

3 اسان جي ڏھاڙيءَ جي ماني اسان کي روزانو ڏي.

4 اسان جا ڏوھہ اسان کي معاف ڪر،ڇالاءِ⁠جو جيڪي اسان جا ڏوھي آھنتن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون.ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ.‘“

5 پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”فرض ڪريو تہ اوھان منجھان ڪنھن کي ڪو دوست ھجي ۽ اڌ رات جو وٽس وڃي کيس چوي تہ ’اي دوست! مون کي ٽي مانيون اڌاريون ڏي،

6 ڇاڪاڻ⁠تہ منھنجو ھڪڙو دوست مسافريءَ تان مون وٽ آيو آھي ۽ مون وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي جو کڻي ھن جي اڳيان رکان.‘

7 تڏھن اوھان جو دوست اوھان کي اندران ورندي ڏئي تہ ’مون کي تڪليف نہ ڏي. ھن مھل در بند آھي ۽ آءٌ پنھنجن ٻارن سان گڏ ستل آھيان، تنھنڪري آءٌ اٿي تو کي ڪجھہ بہ ڏيئي نہ ٿو سگھان.‘