لوقا 11:25-31 SCLNT

25 جڏھن اچي ٿو ۽ گھر کي صاف ۽ سينگاريل ٿو ڏسي،

26 تڏھن ھو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اھي ان ماڻھوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رھن ٿا ۽ پوءِ سندس حالت اڳي کان بہ ابتر ٿيو پوي.“

27 عيسيٰ اھي ڳالھيون پئي ڪيون تہ ميڙ مان ھڪڙيءَ عورت وڏي واڪي چيس تہ ”ڪيڏو نہ سڳورو آھي اھو پيٽ جنھن ۾ اوھين ھئا ۽ اھا ڇاتي جيڪا اوھان ڌاتي.“

28 تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”انھيءَ جي باوجود وڌيڪ سڳورا اُھي آھن، جيڪي خدا جو ڪلام ٻڌن ٿا ۽ ان تي عمل ٿا ڪن.“

29 جڏھن عيسيٰ جي چوگرد ماڻھو مڙي آيا، تڏھن چوڻ لڳو تہ ”ھن زماني جا ماڻھو ڪھڙا نہ بڇڙا آھن جو اھي ڪو معجزو ٿا ڏسڻ گھرن. پر انھن کي يونس نبيءَ جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.

30 ڇوتہ جيئن نينواہ شھر جي ماڻھن لاءِ يونس ھڪڙو نشان بڻيو، تيئن ھن زماني جي ماڻھن لاءِ ابن⁠آدم بہ ھڪ نشان بڻبو.

31 آخرت جي ڏينھن ڏکڻ جي راڻي اٿي بيھندي ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندي، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ سليمان جي سياڻپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي ھئي. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو سليمان کان بہ وڏو آھي.