لوقا 11:31-37 SCLNT

31 آخرت جي ڏينھن ڏکڻ جي راڻي اٿي بيھندي ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندي، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ سليمان جي سياڻپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي ھئي. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو سليمان کان بہ وڏو آھي.

32 نينواہ جا ماڻھو آخرت جي ڏينھن اٿي بيھندا ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندا، ڇالاءِ⁠جو انھن يونس جي تبليغ تي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪئي ھئي. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو يونس کان بہ وڏو آھي.“

33 ”ڪوبہ ماڻھو ڏيئو ٻاري ان کي لڪائي يا ڍڪڻ ھيٺان نہ ٿو رکي پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي.

34 اوھان جون اکيون اوھان جي بدن لاءِ ڏيئو آھن، سو جيڪڏھن اوھان جون اکيون ٺيڪ آھن تہ اوھان جو سڄو بدن روشن ھوندو. پر جيڪڏھن اوھان جون اکيون خراب آھن تہ اوھان جو سڄو بدن اونداھيءَ ۾ غرق ھوندو.

35 تنھنڪري خيال رکو تہ اوھان ۾ جا روشني آھي سا اونداھي تہ ڪينھي.

36 جيڪڏھن توھان جو سڄو بدن روشن ھجي ۽ ان جي ڪنھن بہ ڪنڊ ۾ اونداھي نہ ھجي تہ اوھان جو سڄو بدن ائين روشن ٿيندو جيئن ڏيئي جي روشني اوھان جي بدن تي پئي اوھان کي روشن ٿي ڪري.“

37 عيسيٰ جڏھن ڳالھائي بس ڪئي تہ ھڪڙي فريسيءَ اچي پاڻ سان ماني کائڻ جي دعوت ڏنس. سو ھو اندر وڃي دسترخوان تي ماني کائڻ ويٺو.