لوقا 11:33-39 SCLNT

33 ”ڪوبہ ماڻھو ڏيئو ٻاري ان کي لڪائي يا ڍڪڻ ھيٺان نہ ٿو رکي پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي.

34 اوھان جون اکيون اوھان جي بدن لاءِ ڏيئو آھن، سو جيڪڏھن اوھان جون اکيون ٺيڪ آھن تہ اوھان جو سڄو بدن روشن ھوندو. پر جيڪڏھن اوھان جون اکيون خراب آھن تہ اوھان جو سڄو بدن اونداھيءَ ۾ غرق ھوندو.

35 تنھنڪري خيال رکو تہ اوھان ۾ جا روشني آھي سا اونداھي تہ ڪينھي.

36 جيڪڏھن توھان جو سڄو بدن روشن ھجي ۽ ان جي ڪنھن بہ ڪنڊ ۾ اونداھي نہ ھجي تہ اوھان جو سڄو بدن ائين روشن ٿيندو جيئن ڏيئي جي روشني اوھان جي بدن تي پئي اوھان کي روشن ٿي ڪري.“

37 عيسيٰ جڏھن ڳالھائي بس ڪئي تہ ھڪڙي فريسيءَ اچي پاڻ سان ماني کائڻ جي دعوت ڏنس. سو ھو اندر وڃي دسترخوان تي ماني کائڻ ويٺو.

38 فريسي ھي ڏسي حيران ٿيو تہ کائڻ کان اڳ ۾ عيسيٰ انھن جي رسم موجب ھٿ ڇو ڪين ڌوتا.

39 تڏھن خداوند چيس تہ ”اوھين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالھيءَ جو ٻاھريون پاسو تہ ڌوئي صاف ڪريو ٿا، پر اوھان جو اندر ھٻڇ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريو پيو آھي.