لوقا 11:45-51 SCLNT

45 ورنديءَ ۾ شريعت جي ھڪڙي عالم چيس تہ ”اي استاد! ھي جيڪي اوھين چئو ٿا تنھن ۾ اسان کي بہ طعنا تنڪا ٿا ھڻو.“

46 تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”مصيبت آھي اوھان لاءِ بہ، اي شريعت جا عالمو! جو اوھين ماڻھن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لايو.

47 مصيبت آھي اوھان لاءِ، جو اوھين نبين جا قبا ٿا ٺاھيو، جن کي اوھان جي ابن ڏاڏن مارائي ڇڏيو ھو.

48 اھا ھن ڳالھہ جي شاھدي آھي تہ جيڪي اوھان جي ابن ڏاڏن ڪيو سو اوھان کي قبول آھي، ڇوتہ انھن تہ نبين کي مارايو ھو ۽ اوھين سندن قبا پيا اڏايو.

49 انھيءَ لاءِ خدا جي حڪمت بيان فرمايو آھي تہ ’آءٌ نبين ۽ رسولن کي انھن وٽ موڪليندس، جن مان اھي ڪن کي ماري وجھندا ۽ ڪن کي ستائيندا.‘

50 سو دنيا جي شروعات کان وٺي جن نبين جو رت وھايو ويو آھي، تن جو حساب ھن زماني جي پيڙھيءَ کان ورتو ويندو.

51 مطلب تہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھابيل جي خون کان وٺي ذڪريا جي خون تائين، جيڪو قربان⁠گاھہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو ويو ھو، تن سڀني جي خون جو حساب ھن زماني جي پيڙھيءَ کان ورتو ويندو.