لوقا 11:8-14 SCLNT

8 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھو اوھان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اٿي، پر پنھنجي خواريءَ کان بچڻ جي لاءِ اٿندو ۽ جيتريون مانيون اوھان کي گھرج ۾ ھونديون اوتريون ڏيندو.

9 انھيءَ ڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کليوَ.

10 ڇالاءِ⁠جو جيڪو گھرندو آھي تنھن کي ملندو آھي، جيڪو ڳوليندو آھي تنھن کي لڀندو آھي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آھي تنھن لاءِ کلندو آھي.

11 ڇا اوھان منجھہ ڪو اھڙو پيءُ آھي جنھن کان سندس ٻار اچي مڇي گھري تہ مڇيءَ بدران نانگ ڏئيس؟

12 يا سندس ٻار بيضو گھريس تہ ھو وِڇون ڏئيس؟

13 جيڪڏھن اوھين باوجود بڇڙا ھئڻ جي، پنھنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪيترو نہ وڌيڪ انھن کي پاڪ روح ڏيندو جيڪي کانئس گھرندا.“

14 ھڪڙي دفعي عيسيٰ اھڙي ماڻھوءَ مان ڀوت ڪڍي رھيو ھو جيڪو ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ سندس ڀوت گونگو ھو. جڏھن منجھانئس ڀوت نڪتو تہ ھن ڳالھائڻ شروع ڪيو ۽ ماڻھو حيران ٿي ويا.