لوقا 12:44-50 SCLNT

44 آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ھو کيس سڄيءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو.

45 پر جيڪڏھن اھو نوڪر دل ۾ خيال ڪري تہ ’منھنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آھي،‘ سو اچي نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي مارڻ لڳي ۽ کائڻ پيئڻ ۽ نشي ۾ بي⁠خبر ٿيڻ لڳي،

46 تہ انھيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انھيءَ ڏينھن اچي سھڙندو جنھن جو ھن کي خواب خيال بہ نہ ھوندو ۽ اھڙي وقت ايندو جنھن جي ھن کي ڪل ئي نہ ھوندي. پوءِ تہ سندس مالڪ اچي خوب چھبڪن سان مار ڏيئي بي⁠ايمانين ۾ شامل ڪري ڪڍي ڇڏيندس.

47 اھو نوڪر جيڪو پنھنجي مالڪ جي ارادي کان باخبر ھو، پر تياري نہ ڪيائين ۽ نڪي ھن جي مرضيءَ موجب ھليو، تنھن کي ڏاڍي مار ملندي.

48 پر اھو جنھن کي مالڪ جي ارادي جي خبر ڪانہ ھئي ۽ سزا جوڳو ڪم ڪيائين تہ ان کي ٿوري مار ملندي. جنھن کي گھڻو ڏنو ويو آھي تہ ان کان حساب بہ گھڻو ورتو ويندو ۽ جنھن کي گھڻو سونپيو ويو آھي تہ ان کان گھر بہ گھڻي ٿيندي.“

49 ”آءٌ زمين تي باھہ لڳائڻ لاءِ آيس. ڪھڙو نہ چڱو ٿئي ھا جو اھا اڳ ۾ ئي لڳل ھجي ھا.

50 پر مون کي ھڪڙي بپتسما وٺڻي آھي ۽ جيستائين اھا پوري ٿئي تيستائين آءٌ ڪيترو نہ پريشان آھيان.