لوقا 13:21-27 SCLNT

21 اھا خميري جي مثل آھي، جيڪو ڪنھن عورت کڻي اچي جڏھن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو، تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“

22 جيئن عيسيٰ ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر مان لنگھندو ۽ رستي ۾ تعليم ڏيندو يروشلم ڏانھن پئي ويو،

23 تہ ڪنھن ماڻھوءَ پڇيس تہ ”اي خداوند! ڪن ٿورن کي ڇوٽڪارو ملندو ڇا؟“ ان کي ورنديءَ ۾ چيائين تہ

24 ”سوڙھي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ دل⁠وجان سان ڪوشش ڪريو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.

25 جڏھن گھر ڌڻيءَ ھڪ دفعو اٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوھين ٻاھر بيھي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ ھو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوھين ڪٿان آيا آھيو.‘

26 تنھن تي اوھين کيس چوندا تہ ’اسان اوھان جي اڳيان کاڌو پيتو ۽ اوھين اسان جي گھٽين ۾ تعليم ڏيندا ھئا.‘

27 پر ھو وري اوھان کي چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوھين ڪٿان آيا آھيو. اوھين مڙيئي بدڪار منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘