5 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ نہ، پر جيڪڏھن اوھين پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندا، جيئن اھي ٿيا ھئا.“
6 عيسيٰ انھن کي ھي مثال ڏيندي ٻڌايو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ کي انگورن جو باغ ھو جنھن ۾ انجير جو وڻ پوکيل ھو. سو ھو آيو ۽ ان ۾ انجيرن لاءِ واجھايائين پر ھن ھڪ بہ نہ لڌو.
7 تڏھن ھن مالھيءَ کي چيو تہ ’آءٌ ٽن سالن کان انھيءَ وڻ ۾ انجيرن لاءِ واجھائيندو رھيو آھيان پر ھڪ بہ نہ مليو اٿم. تنھنڪري ھن کي وڍي ڇڏ، ڇوجو ھروڀرو زمين سيڙايون بيٺو آھي.‘
8 مالھيءَ جواب ڏنو تہ ’سائين! ھن وڻ کي ھڪ سال ٻيو بہ ڇڏيو تہ آءٌ ھن جي ٻاھران چلھو کوٽيان ۽ ڀاڻ ڏيانس.
9 جيڪڏھن پوءِ ميوو جھليائين تہ ڏاڍو چڱو، نہتہ کڻي وڍي ڇڏبس.‘“
10 ھڪڙي دفعي سبت جي ڏينھن تي عيسيٰ عبادتخاني ۾ ويٺي تعليم ڏني.
11 اتي ھڪڙي عورت ھئي جنھن ۾ ارڙھن ورھين کان ھڪڙو ڀوت ھو، جنھن جي ڪري ھوءَ ڪمزور رھندي ھئي. تنھنڪري ھوءَ ڪُٻي ٿي ويئي ھئي ۽ بلڪل سڌي ٿي نہ سگھندي ھئي.