23 تنھن تي گھر جي مالڪ نوڪر کي چيو تہ ’سڙڪن ۽ پسگردائيءَ ۾ وڃ ۽ ماڻھن کي مجبور ڪري وٺي اچ تہ جيئن منھنجو گھر ڀرجي وڃي،
24 ڇالاءِجو آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جن کي دعوت جو سڏ ڏنو ويو ھو انھن مان ڪوبہ شخص منھنجي ماني ڪين چکندو.‘“
25 ماڻھن جا وڏا ميڙ عيسيٰ سان گڏ پئي ھليا. ھن ڦري کين چيو تہ
26 ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان اچڻ چاھي تہ اھو جيستائين منھنجي ڪري پنھنجي ماءُپيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پنھنجي جان جي بہ پرواھہ نہ ڪندو تيستائين ھو منھنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو.
27 جيڪو پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان نہ ٿو اچي سو منھنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.
28 اوھان مان جيڪو منارو ٺھرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اھو پھريائين ان خرچ جو ويھي اندازو نہ ٿو لڳائي ڇا، تہ انھيءَ وٽ ان کي جوڙي راس ڪرائڻ جيترو پيسو آھي يا نہ؟
29 ڇالاءِجو ائين نہ ٿئي جو ان جي پيڙھہ تہ رکرائي پر پورو نہ ڪرائي سگھي تڏھن ڏسندڙ ٺٺوليون ڪري چونس تہ