3 عيسيٰ شريعت جي عالمن ۽ فريسين کان پڇيو تہ ”سبت جي ڏينھن شفا ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“
4 پر اھي ماٺ ۾ رھيا. تڏھن عيسيٰ ان ماڻھوءَ کي ھٿ لاتو ۽ کيس چڱو ڀلو ڪري روانو ڪيو.
5 پوءِ ھنن کي چيائين تہ ”جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن جو پٽ يا ڏاند سبت جي ڏينھن کوھہ ۾ ڪري پوي تہ ڇا اوھين کيس جلدي ٻاھر ڪڍندءُ يا نہ؟“
6 پر اھي ڪو جواب ڏيئي نہ سگھيا.
7 جڏھن عيسيٰ ھي ڏٺو تہ مھمان مٿاھيون جايون پسند ٿا ڪن، تڏھن انھن کي ھڪڙو مثال ڏيندي چيائين تہ
8 ”جڏھن ڪو تو کي شاديءَ جي دعوت ڏئي تہ مٿاھينءَ جاءِ تي نہ ويھہ، ٿي سگھي ٿو تہ تو کان بہ وڌيڪ مانواري کي دعوت ڏني ھجيس.
9 پوءِ جنھن اوھان ٻنھي کي شاديءَ جي دعوت ڏني ھجي، اھو تو وٽ اچي چوي تہ ’تون ھن ماڻھوءَ کي جاءِ ڏي،‘ تہ تو کي ڪيترو نہ شرمساريءَ سان سڀ کان ھيٺاھينءَ جاءِ تي ويھڻو پوندو.