1 ھڪ دفعي ڪيترائي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار ماڻھو عيسيٰ جون ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ سندس چوڌاري اچي مڙيا.
2 تنھن تي فريسي ۽ شريعت جا عالم پاڻ ۾ سسپس ڪرڻ لڳا تہ ”ھي يار تہ گنھگارن جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ کين پاڻ سان گڏ ٿو کارائي!“
3 تنھن تي عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ڏنو تہ
4 ”جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن کي سؤ رڍون ھجن ۽ انھن مان ھڪڙي گم ٿي وڃينس تہ ھو ان جي لاءِ ڇا ڇا نہ ڪندو؟ ڇا ھو نوانوي کي جھنگ ۾ ڇڏي، ان ھڪڙيءَ جي پٺيان نہ رلندو جيستائين اھا نہ لڀيس؟