28 تڏھن ھو ايڏو تہ ڪاوڙيو جو گھر ۾ اندر ئي نہ پيو وڃي. تنھن تي سندس پيءُ ٻاھر اچي کيس سمجھائڻ لڳو.
29 پر ھن پنھنجي پيءُ کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ ھڪ ٻانھي وانگر اوھان جي خدمت ڪندو رھيو آھيان ۽ ڪڏھن بہ اوھان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، مگر توھان ڪڏھن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنھنجن سنگتين سان موجون ماڻيان.
30 پر اوھان جو ھي پٽ، جنھن رنڊين ۾ اوھان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو ھاڻي آيو آھي تہ ھن لاءِ ٿلھو متارو وھڙو ڪٺو اٿوَ.‘
31 تنھن تي پيءُ چيس تہ ’پٽ! تون تہ ھميشہ مون سان گڏ آھين ۽ جيڪي منھنجو آھي سو سڀ تنھنجو ئي آھي.
32 پر اسان کي تہ شادمانو ۽ خوشي ملھائڻي ھئي، ڇاڪاڻتہ تنھنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو ھو سو ھاڻي جيئرو ٿيو آھي، جيڪو وڃائجي ويو ھو سو ھاڻي لڌو آھي.‘“