8 ”يا فرض ڪريو تہ ھڪڙيءَ عورت کي چانديءَ جا ڏھہ سڪا آھن ۽ ھڪ وڃائجي وڃينس، تہ اھا ڇا ڇا نہ ڪندي؟ ڏيئو ٻاريندي، گھر ٻھاريندي ۽ خبرداريءَ سان پيئي ڳوليندي جيستائين اھو نہ لھندي.
9 جڏھن لڀيس ٿو تہ پنھنجن ساھيڙين ۽ پاڙي وارين کي سڏي گڏ ڪري چوندي تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِجو مون پنھنجو وڃايل سڪو لڌو آھي.‘
10 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اھڙيءَ طرح خدا جي ملائڪن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏھن ھڪ گنھگار توبھہ ٿو ڪري.“
11 عيسيٰ ھيئن بہ چيو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ کي ٻہ پٽ ھئا،
12 جن مان ننڍي پٽ پيءُ کي چيو تہ ’اي بابا! ملڪيت مان جيڪو منھنجو حصو ٿئي ٿو سو مون کي ڏيو.‘ سو ھن پنھنجي ملڪيت ٻنھي پٽن کي ورھائي ڏني.
13 اڃا ڪي ڏينھن ئي مس گذريا تہ ننڍو پٽ پنھنجو سڀ ڪجھہ ميڙي چونڊي ڪنھن ڏورانھين ملڪ جي سير تي نڪتو. اتي عيش عشرت ۾ پنھنجي سموري ملڪيت اڏائي ڇڏيائين.
14 جڏھن سڀ ڪجھہ ختم ڪري چڪو، تڏھن ان ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ ھو بک مرڻ لڳو.