لوقا 16:18-24 SCLNT

18 ”جيڪوبہ پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪنھن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري تنھن ڄڻ زنا ڪئي ۽ جيڪو مڙس جي طلاق ڏنل عورت سان شادي ٿو ڪري تنھن بہ ڄڻ زنا ڪئي.“

19 ”ڪنھن زماني ۾ ھڪڙو شاھوڪار ماڻھو ھوندو ھو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پھريندو ھو ۽ روزانو ست رڇيون طعام کائي موجون ماڻيندو ھو.

20 ماڻھو لعزر نالي ھڪ ناسورن ورتل غريب شخص کي ان جي دروازي تي ويھاري ويندا ھئا.

21 ھو چاھيندو ھو تہ شاھوڪار جي اوبر وارن ٽڪرن ۽ ڳڀن سان پيٽ ڀري ڍءُ ڪري، پر وڏي مصيبت اھا ھئي جو ڪتا اچي سندس ناسوري ڦٽ چٽيندا ھئا.

22 جڏھن اھو غريب ماڻھو مري ويو تہ ملائڪن کڻي وڃي کيس بھشت ۾ ابراھيم جي پاسي ۾ ويھاريو. شاھوڪار ماڻھو بہ مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو.

23 ھو دوزخ جي عذابن ۾ مبتلا ھو تہ اکيون کڻي مٿي نھاريائين تہ پريان ابراھيم جي ڀر ۾ لعزر نظر آيس.

24 تڏھن ھن رڙ ڪري چيو تہ ’اي بابا ابراھيم! مون تي رحم ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منھنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇالاءِ⁠جو آءٌ ھن باھہ جي سخت عذاب ۾ آھيان.‘