لوقا 16:2-8 SCLNT

2 تنھن تي شاھوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنھنجي باري ۾ آءٌ ھي ڇا پيو ٻڌان؟ پنھنجي منشگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو کي اڳتي پنھنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘

3 تڏھن منشي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’پوءِ مان ڇا ڪندس؟ ڇالاءِ⁠جو منھنجو مالڪ تہ مون کي منشگيريءَ مان ڪڍي ٿو. ڪوڏر ھڻڻ جي تہ مون ۾ طاقت ڪانھي ۽ پنڻ کان بہ مون کي شرم ٿو اچي.

4 سو ھاڻي اھڙو ڪم ٿو ڪريان جو جڏھن منھنجي نوڪري ختم ٿئي تہ ماڻھو مون کي پنھنجي گھر ۾ اچڻ ڏين.‘

5 سو ڇا ڪيائين جو شاھوڪار جي ھڪڙي ھڪڙي قرضدار کي سڏايائين. پھرين کان پڇيائين تہ ’منھنجي مالڪ جو تو تي ڪيترو قرض آھي؟‘

6 ھن کيس وراڻيو تہ ’زيتون جي تيل جون ھڪ ⁠سؤ سانداريون.‘ منشيءَ چيس تہ ’ويھي پنھنجي رسيد تي جھٽ ۾ پنجاھہ سانداريون لکي ڏي.‘

7 پوءِ ٻئي کان پڇيائين تہ ’تو تي ڪيترو قرض آھي؟‘ ھن ورندي ڏني تہ ’ھڪ ھزار ٻوريون ڪڻڪ جون.‘ انھيءَ کي بہ چيائين تہ ’پنھنجي رسيد کڻي اٺ ⁠سؤ ٻوريون لکي ڏي.‘

8 جيئن تہ بي⁠ايمان منشيءَ مالڪ سان چالاڪي ڪئي ھئي، سو ھو سندس چالاڪيءَ کي مڃڻ لڳو. اھڙيءَ ئي طرح ھن زماني جا ماڻھو پنھنجن معاملن ۾ خدا جي بادشاھت جي ماڻھن کان وڌيڪ چالاڪ آھن.“