لوقا 16:5-11 SCLNT

5 سو ڇا ڪيائين جو شاھوڪار جي ھڪڙي ھڪڙي قرضدار کي سڏايائين. پھرين کان پڇيائين تہ ’منھنجي مالڪ جو تو تي ڪيترو قرض آھي؟‘

6 ھن کيس وراڻيو تہ ’زيتون جي تيل جون ھڪ ⁠سؤ سانداريون.‘ منشيءَ چيس تہ ’ويھي پنھنجي رسيد تي جھٽ ۾ پنجاھہ سانداريون لکي ڏي.‘

7 پوءِ ٻئي کان پڇيائين تہ ’تو تي ڪيترو قرض آھي؟‘ ھن ورندي ڏني تہ ’ھڪ ھزار ٻوريون ڪڻڪ جون.‘ انھيءَ کي بہ چيائين تہ ’پنھنجي رسيد کڻي اٺ ⁠سؤ ٻوريون لکي ڏي.‘

8 جيئن تہ بي⁠ايمان منشيءَ مالڪ سان چالاڪي ڪئي ھئي، سو ھو سندس چالاڪيءَ کي مڃڻ لڳو. اھڙيءَ ئي طرح ھن زماني جا ماڻھو پنھنجن معاملن ۾ خدا جي بادشاھت جي ماڻھن کان وڌيڪ چالاڪ آھن.“

9 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ سان دوست پيدا ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ جڏھن اھا دولت کُٽي وڃي تڏھن دائمي گھرن ۾ اھي اوھان جي آجيان ڪن.

10 جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آھي سو گھڻي ۾ بہ ايماندار رھندو ۽ جيڪو ٿوري ۾ بي⁠ايمان آھي سو گھڻي ۾ بہ بي⁠ايمان ٿيندو.

11 جيڪڏھن اوھين ھن ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ جي استعمال ۾ ايماندار نہ آھيو تہ سچيءَ دولت جو اوھان تي ڪير اعتبار ڪندو؟