لوقا 16:8-14 SCLNT

8 جيئن تہ بي⁠ايمان منشيءَ مالڪ سان چالاڪي ڪئي ھئي، سو ھو سندس چالاڪيءَ کي مڃڻ لڳو. اھڙيءَ ئي طرح ھن زماني جا ماڻھو پنھنجن معاملن ۾ خدا جي بادشاھت جي ماڻھن کان وڌيڪ چالاڪ آھن.“

9 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ سان دوست پيدا ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ جڏھن اھا دولت کُٽي وڃي تڏھن دائمي گھرن ۾ اھي اوھان جي آجيان ڪن.

10 جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آھي سو گھڻي ۾ بہ ايماندار رھندو ۽ جيڪو ٿوري ۾ بي⁠ايمان آھي سو گھڻي ۾ بہ بي⁠ايمان ٿيندو.

11 جيڪڏھن اوھين ھن ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ جي استعمال ۾ ايماندار نہ آھيو تہ سچيءَ دولت جو اوھان تي ڪير اعتبار ڪندو؟

12 جيڪڏھن اوھين ٻين جي ملڪيت جي لاءِ ايماندار نہ آھيو تہ اوھان جي ملڪيت اوھان کي ڪير ڏيندو؟

13 ڪوبہ نوڪر ٻن مالڪن جي خدمت ڪري نہ ٿو سگھي، ھو ھڪڙي کان نفرت تہ ٻئي سان محبت ڪندو يا ھڪڙي سان وفا تہ ٻئي سان دغا ڪندو. اوھين خدا ۽ دولت ٻنھي جي ساڳئي وقت خدمت ڪري نہ ٿا سگھو.“

14 فريسي جن کي دولت سان پيار ھو، سي عيسيٰ جون اھي ڳالھيون ٻڌي مٿس چٿرون ڪرڻ لڳا.