12 جڏھن ھڪڙي ڳوٺ ۾ وڃڻ تي ھو تہ ڏھہ ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا اچي گڏيس. انھن ڪجھہ پرڀرو بيھي
13 وڏي واڪي چيس تہ ”اي عيسيٰ! اي سائين! اسان تي رحم ڪريو.“
14 ھنن کي ڏسي چيائين تہ ”وڃو ۽ ڪاھنن کي وڃي پاڻ ڏيکاريو.“ سو جيئن ئي ھو وڃن پيا تہ رستي تي ويندي ويندي پاڪ صاف ٿي پيا.
15 جڏھن انھن مان ھڪڙي ڏٺو تہ ’آءٌ چڱو ڀلو ٿي پيو آھيان،‘ تڏھن وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڪندي موٽيو.
16 ھو عيسيٰ جي پيرن تي منھن ڀر ڪري سندس ٿورا مڃڻ لڳو. اھو موٽڻ وارو سامري ماڻھو ھو.
17 تنھن تي عيسيٰ پڇيو تہ ”ڏھہ ئي ڇٽي پاڪ صاف نہ ٿيا آھن ڇا؟ تہ پوءِ باقي نوَ ڪٿي آھن؟
18 ڇا ھن ڌارئي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ موٽيو، جو اچي خدا جي واکاڻ ڪري؟“