16 ھو عيسيٰ جي پيرن تي منھن ڀر ڪري سندس ٿورا مڃڻ لڳو. اھو موٽڻ وارو سامري ماڻھو ھو.
17 تنھن تي عيسيٰ پڇيو تہ ”ڏھہ ئي ڇٽي پاڪ صاف نہ ٿيا آھن ڇا؟ تہ پوءِ باقي نوَ ڪٿي آھن؟
18 ڇا ھن ڌارئي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ موٽيو، جو اچي خدا جي واکاڻ ڪري؟“
19 پوءِ ھن کي چيائين تہ ”اٿي ۽ وڃ، تنھنجي ايمان تو کي چڱو ڀلو ڪيو آھي.“
20 ڪن فريسين عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خدا جي بادشاھت ڪڏھن ايندي؟“ ھن ورنديءَ ۾ چين تہ ”خدا جي بادشاھت ايندي ڪنھن کي ڏسڻ ۾ نہ ٿي اچي.
21 ڪوبہ ائين نہ چوندو تہ ’اِجھا، ھيڏانھن‘ يا ’ھوڏانھن آھي.‘ حقيقت ۾ خدا جي بادشاھت اوھان ۾ ئي آھي.“
22 ھن شاگردن کي چيو تہ ”ڪو وقت ايندو جو اوھين ابنآدم جي ڏينھن مان ھڪڙي ڏينھن جي ڏسڻ لاءِ پيا سڪندا، پر اوھين نہ ڏسندا.