22 ھن شاگردن کي چيو تہ ”ڪو وقت ايندو جو اوھين ابنآدم جي ڏينھن مان ھڪڙي ڏينھن جي ڏسڻ لاءِ پيا سڪندا، پر اوھين نہ ڏسندا.
23 ماڻھو اوھان کي چوندا تہ ’ڏسو، اِجھو ھيڏانھن، اجھو ھوڏانھن،‘ پر متان وڃو يا انھن جي پٺيان ڊوڙو.
24 ڇالاءِجو جيئن کنوڻ آسمان ۾ ھڪڙي طرف کنوندي آھي ۽ چمڪاٽ ٻئي طرف ڪندي آھي، تيئن ابنآدم بہ پنھنجي ڏينھن ۾ ائين ظاھر ٿيندو.
25 پر پھريائين ھن کي ڪيتريون ئي سختيون سھڻيون پونديون ۽ ھن زماني جي ماڻھن کان رد ڪيو ويندو.
26 جيئن نوح جي زماني ۾ ٿيو تيئن ابنآدم جي ڏينھن ۾ بہ ٿيندو.
27 تيستائين اھي کائيندا، پيئندا رھيا ۽ شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا رھيا، جيستائين اھو ڏينھن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو. پوءِ ٻوڏ آئي ۽ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين.
28 ساڳيءَ طرح لوط جي ڏينھن ۾ بہ ٿيو، اھي کائيندا پيئندا، وڻج واپار ڪندا، پوکيندا ۽ اڏيندا رھيا.