29 پر جنھن ڏينھن لوط سدوم شھر کان نڪري ٻاھر ٿيو ھو، تنھن ڏينھن آسمان مان باھہ ۽ گندرف جو مينھن اچي وٺو ھو ۽ انھن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو ھئائين.
30 سو بلڪل ائين ئي ٿيندو جنھن ڏينھن ابنآدم ظاھر ٿيندو.
31 انھيءَ ڏينھن جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪوٺي تي آھي تہ ھن کي پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لھي گھر ۾ وڃڻ نہ کپي ۽ ساڳيءَ ريت جيڪڏھن ڪو ٻنيءَ ۾ آھي تہ گھر ڏانھن موٽڻ نہ گھرجيس.
32 لوط جي زال واري ڳالھہ ياد رکجو.
33 جيڪوبہ پنھنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو وڃائيندو سو ئي اھا بچائيندو.
34 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ انھيءَ رات ٻہ ماڻھو گڏ ھڪ بستري تي ستل ھوندا تہ ھڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.
35 ٻہ عورتون گڏ ويٺيون جنڊ پيھنديون ھونديون، تہ ھڪڙي کنئين ويندي، ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو.