9 غلام جيڪي ڪم ڪيو، تنھن لاءِ اوھين ان جا ٿورا مڃيندا ڇا؟
10 ساڳيءَ طرح اوھان کي بہ جن ڪمن لاءِ حڪم ڪيل آھي، جڏھن اھي پورا ڪريو تڏھن چئو تہ ’اسين تہ خسيس غلام آھيون، جيڪو اسان تي ڪرڻ فرض ھو، سو ئي اسان ڪيو.‘“
11 جيئن عيسيٰ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو ھو تہ رستي ۾ سامريہ ۽ گليل جي وچان لنگھيو.
12 جڏھن ھڪڙي ڳوٺ ۾ وڃڻ تي ھو تہ ڏھہ ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا اچي گڏيس. انھن ڪجھہ پرڀرو بيھي
13 وڏي واڪي چيس تہ ”اي عيسيٰ! اي سائين! اسان تي رحم ڪريو.“
14 ھنن کي ڏسي چيائين تہ ”وڃو ۽ ڪاھنن کي وڃي پاڻ ڏيکاريو.“ سو جيئن ئي ھو وڃن پيا تہ رستي تي ويندي ويندي پاڪ صاف ٿي پيا.
15 جڏھن انھن مان ھڪڙي ڏٺو تہ ’آءٌ چڱو ڀلو ٿي پيو آھيان،‘ تڏھن وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڪندي موٽيو.