15 ڪي ماڻھو پنھنجا ننڍڙا ٻار عيسيٰ وٽ کڻي آيا تہ ھو انھن تي ھٿ رکي. پر جڏھن شاگردن ھي ڏٺو تہ ھو انھن کي ڇينڀڻ لڳا جيڪي ٻار کڻي آيا ھئا.
16 عيسيٰ شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارڙن کي مون وٽ اچڻ ڏيو ۽ کين نہ جھليو، ڇاڪاڻتہ خدا جي بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.
17 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان ٿو تہ جيڪوبہ ٻار وانگر خدا جي بادشاھت قبول نہ ڪندو سو ڪڏھن بہ ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“
18 ھڪڙي سردار عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“
19 عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آھي.
20 تو کي حڪمن جي خبر آھي تہ ’زنا نہ ڪر،‘ ’خون نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاھدي نہ ڏي‘ ۽ ’پنھنجي ماءُپيءُ جي عزت ڪر.‘“
21 ھن چيو تہ ”انھن سڀني تي تہ آءٌ ننڍپڻ کان ئي عمل ڪندو ٿو رھان.“