29 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ھائو، پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اھڙو ڪوبہ ڪونھي جنھن خدا جي بادشاھت لاءِ گھر، زال، ڀائر، ماءُپيءُ يا ٻار ڇڏيا ھجن،
30 ۽ انھيءَ کي ھن زماني ۾ ڳچ جيترو وڌيڪ نہ ملي ۽ ايندڙ زماني ۾ دائمي زندگي.“
31 عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھڪ پاسي وٺي ويو ۽ انھن کي چيائين تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون ۽ جيڪي ڳالھيون ابنآدم بابت نبي لکي ويا آھن، سي سڀيئي اتي پوريون ٿينديون.
32 ھو غير قومن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس چٿرون ڪندا، ساڻس جٺيون ڪندا ۽ کيس ٿڪون ھڻندا.
33 اھي کيس چھبڪ ھڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا، پر ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“
34 پر شاگردن انھن مان ڪا ھڪڙي ڳالھہ بہ نہ سمجھي. انھن ڳالھين جي معنيٰ کانئن ڳجھي رکي ويئي ۽ جيڪي ڳالھيون چيون ويون، تن جي کين پروڙ ئي ڪانہ پئي.
35 جيئن عيسيٰ يريحو شھر جي ويجھو اچي رھيو ھو تہ رستي تي ھڪڙي انڌي ماڻھوءَ ويٺي پنيو.