5 پر جيئن تہ ھيءَ رنزال اچي مون کي ڪڪ ٿي ڪري، تنھنڪري ساڻس انصاف ڪندس، نہتہ ھيءَ بار بار اچي مون کي بيزار ڪندي.‘“
6 تڏھن خداوند چيو تہ ”ٻڌءَ، ھن بيانصاف جج ڇا چيو؟
7 تہ پوءِ خدا پنھنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينھن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا ھو انھن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟
8 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. پر جڏھن ابنآدم ايندو تڏھن الائجي ماڻھن ۾ ايمان ڏسندو يا نہ؟“
9 جن کي پنھنجي سچائيءَ تي ناز ھو ۽ ٻين کي گھٽ سمجھندا ھئا، تن کي عيسيٰ ھڪڙو مثال ٻڌايو تہ
10 ”ٻہ شخص ھيڪل ۾ دعا گھرڻ ويا، ھڪڙو فريسي ۽ ٻيو محصول اڳاڙيندڙ.
11 فريسي بيھي پنھنجي دل ۾ ھيئن دعا گھرڻ لڳو تہ ’اي خدا! آءٌ تنھنجو ٿورائتو آھيان جو آءٌ ٻين ماڻھن جھڙو ڦورو، بيانصاف يا زناڪار نہ آھيان، نہ وري ھن محصول اڳاڙيندڙ جھڙو آھيان.