لوقا 18:9-15 SCLNT

9 جن کي پنھنجي سچائيءَ تي ناز ھو ۽ ٻين کي گھٽ سمجھندا ھئا، تن کي عيسيٰ ھڪڙو مثال ٻڌايو تہ

10 ”ٻہ شخص ھيڪل ۾ دعا گھرڻ ويا، ھڪڙو فريسي ۽ ٻيو محصول اڳاڙيندڙ.

11 فريسي بيھي پنھنجي دل ۾ ھيئن دعا گھرڻ لڳو تہ ’اي خدا! آءٌ تنھنجو ٿورائتو آھيان جو آءٌ ٻين ماڻھن جھڙو ڦورو، بي⁠انصاف يا زناڪار نہ آھيان، نہ وري ھن محصول اڳاڙيندڙ جھڙو آھيان.

12 آءٌ ھفتي ۾ ٻہ ڏينھن روزو ٿو رکان ۽ پنھنجي سڄي ڪمائيءَ جو ڏھون حصو خيرات ٿو ڪريان.‘

13 پر محصول اڳاڙيندڙ پري بيٺو رھيو ۽ آسمان ڏانھن اکيون کڻي بہ نہ نھاريائين، بلڪ ڇاتي پٽي چوڻ لڳو تہ ’اي خدا! مون گنھگار تي رحم ڪر.‘

14 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ پھريون نہ، پر ھي ٻيو ماڻھو سچار ٿي گھر موٽيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“

15 ڪي ماڻھو پنھنجا ننڍڙا ٻار عيسيٰ وٽ کڻي آيا تہ ھو انھن تي ھٿ رکي. پر جڏھن شاگردن ھي ڏٺو تہ ھو انھن کي ڇينڀڻ لڳا جيڪي ٻار کڻي آيا ھئا.