1 عيسيٰ يريحو شھر ۾ داخل ٿي ان مان لنگھي رھيو ھو.
2 اتي زڪئي نالي ھڪ ماڻھو رھندو ھو، جيڪو محصول اڳاڙيندڙن جو عملدار ۽ شاھوڪار بہ ھو.
3 ھن جي مرضي ھئي تہ ”ڏسان تہ عيسيٰ ڪھڙو آھي.“ پر ميڙ جي ڪري ڏسي نہ ٿي سگھيو، ڇوتہ ھن جو قد ننڍو ھو.
4 تنھنڪري ھو اڳڀرو ڊوڙي وڃي ھڪڙي انجير جي وڻ تي چڙھي ويٺو، ڇالاءِجو عيسيٰ انھيءَ رستي تان لنگھڻو ھو.
5 جڏھن عيسيٰ انھيءَ جاءِ تي آيو، تڏھن مٿي نھاري چيائين تہ ”اي زڪئي! ھڪدم ھيٺ لھي اچ، ڇالاءِجو اڄ مون کي تنھنجي گھر ٽڪڻو آھي.“
6 ھو جلدي ھيٺ لھي آيو ۽ عيسيٰ کي خوشيءَ سان پنھنجي گھر وٺي ويو.
7 اھو ڏسي سڀيئي سسپس ڪرڻ لڳا تہ ”ڏسو، ھو ھڪڙي گنھگار جي گھر ٽڪيو آھي.“