لوقا 19:11-17 SCLNT

11 جڏھن ماڻھن ھي ڳالھيون پئي ٻڌيون تہ عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ٻڌايو. جيئن تہ ھو يروشلم ۾ پھچڻ تي ھو، سو ھو ائين سمجھن پيا تہ اِجھا ٿي خدا جي بادشاھت ظاھر ٿئي.

12 عيسيٰ چيو تہ ”ھڪڙو امير ڪنھن ڏورانھين ملڪ ڏانھن روانو ٿيو تہ جيئن اتان بادشاھت جو اختيار وٺي پوءِ وطن وري.

13 ھن پنھنجن نوڪرن مان ڏھن ڄڻن کي سڏي کين سون جو ھڪ ھڪ سڪو ڏنو ۽ چيائين تہ ’جيستائين آءٌ موٽي اچان تيستائين انھن سان واپار ھلايو.‘

14 پر ھن جي وطن جا ماڻھو ھن کان بيزار ھئا، تنھنڪري ھنن سندس پٺيان انھيءَ ملڪ ڏانھن پنھنجا ايلچي موڪليا تہ ’اسان جي مرضي نہ آھي تہ ھي ماڻھو اسان جي مٿان بادشاھي ڪري.‘

15 جڏھن ھو بادشاھت جو اختيار وٺي موٽي آيو تہ حڪم ڏنائين تہ ’انھن نوڪرن کي مون وٽ وٺي اچو، جن کي آءٌ پيسا ڏيئي ويو ھوس، ڏسان تہ واپار ڪري ڪيترو ڪمايو اٿن.‘

16 پھريون آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! توھان جي ڏنل سوني سڪي ٻيا ڏھہ سونا سڪا ڪمايا آھن.‘

17 تنھن تي ھن چيس تہ ’شاباس، چڱا نوڪر، جيئن تہ تون ٿوري ۾ ايماندار آھين، تنھنڪري ھاڻي تون ڏھن شھرن جو مالڪ آھين.‘