33 جيئن ئي کودڙو ڇوڙين پيا تہ ان جي مالڪ کين چيو تہ ”اوھين ھن کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“
34 ھنن ورندي ڏني تہ ”سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي.“
35 پوءِ کودڙي کي عيسيٰ وٽ ڪاھي آيا ۽ ان جي مٿان پنھنجا ڪپڙا وجھي عيسيٰ کي ان تي سوار ڪيائون.
36 جڏھن ھو ھلڻ لڳو، تڏھن ھنن پنھنجا ڪپڙا کڻي رستي تي وڇايا.
37 جڏھن ھو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر جي لاھيءَ وٽ پھتو تہ شاگردن جو سڄو ميڙ خوشيءَ ۾ ڀرجي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻتہ انھن سندس عجيب قوت جا معجزا ڏٺا ھئا. سو وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ
38 ”سڳورو آھي اھو بادشاھہ، جو خداوند جي نالي سان ٿو اچي،بيشڪ آسمان منجھہ سلامتي آھي ۽ عرش عظيم تي شان وارو خدا آھي.“
39 انھيءَ ميڙ مان ڪن فريسين چيس تہ ”اي استاد! پنھنجن شاگردن کي جھليو.“