36 جڏھن ھو ھلڻ لڳو، تڏھن ھنن پنھنجا ڪپڙا کڻي رستي تي وڇايا.
37 جڏھن ھو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر جي لاھيءَ وٽ پھتو تہ شاگردن جو سڄو ميڙ خوشيءَ ۾ ڀرجي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻتہ انھن سندس عجيب قوت جا معجزا ڏٺا ھئا. سو وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ
38 ”سڳورو آھي اھو بادشاھہ، جو خداوند جي نالي سان ٿو اچي،بيشڪ آسمان منجھہ سلامتي آھي ۽ عرش عظيم تي شان وارو خدا آھي.“
39 انھيءَ ميڙ مان ڪن فريسين چيس تہ ”اي استاد! پنھنجن شاگردن کي جھليو.“
40 عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏھن ھنن ماٺ ڪئي تہ خود پٿر وٺي پڪاريندا.“
41 جڏھن عيسيٰ يروشلم جي ويجھو ٿيو تہ شھر کي ڏسي مٿس رنائين،
42 ۽ چيائين تہ ”جيڪر تون رڳو اڄوڪي ڏينھن امن واريون ڳالھيون ڄاڻين ھا، پر ھاڻي تہ اھي تنھنجين اکين کان لڪل آھن.