38 ”سڳورو آھي اھو بادشاھہ، جو خداوند جي نالي سان ٿو اچي،بيشڪ آسمان منجھہ سلامتي آھي ۽ عرش عظيم تي شان وارو خدا آھي.“
39 انھيءَ ميڙ مان ڪن فريسين چيس تہ ”اي استاد! پنھنجن شاگردن کي جھليو.“
40 عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏھن ھنن ماٺ ڪئي تہ خود پٿر وٺي پڪاريندا.“
41 جڏھن عيسيٰ يروشلم جي ويجھو ٿيو تہ شھر کي ڏسي مٿس رنائين،
42 ۽ چيائين تہ ”جيڪر تون رڳو اڄوڪي ڏينھن امن واريون ڳالھيون ڄاڻين ھا، پر ھاڻي تہ اھي تنھنجين اکين کان لڪل آھن.
43 ڇوتہ اھي ڏينھن تو تي اچي ڪڙڪندا، جڏھن تنھنجا دشمن تنھنجي چوڌاري مورچا ٻڌي تو کي وڪوڙيندا ۽ چوطرف تو کي سوڙھو گھٽيندا.
44 اھي تو کي ۽ تنھنجي ٻارن کي جيڪي تو ۾ آھن، جھلي پٽ تي ھڻندا ۽ تنھنجي سِر سِر سان نہ ملندي، ڇالاءِجو تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏھن خدا تو کي بچائڻ لاءِ آيو.“