لوقا 21:3-9 SCLNT

3 تنھن تي ھن چيو تہ ”آءٌ توھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ھن غريب رن⁠زال سڀني کان وڌيڪ چندو ڏنو.

4 ڇاڪاڻ⁠تہ اھي سڀيئي پنھنجي گھڻائيءَ مان چندو ڏئي رھيا ھئا، پر ھيءَ رن⁠زال اڻ⁠ھوند مان بہ پنھنجي سڀ ڪمائي وجھي رھي ھئي.“

5 ڪي ماڻھو ھيڪل بابت چوڻ لڳا تہ ”ڪھڙن نہ سھڻن پٿرن ۽ نذرانن جي سوکڙين سان سينگاريل آھي.“ تنھن تي عيسيٰ چيو تہ

6 ”ڪو وقت ايندو تہ جيڪي ھي اوھين ڏسو ٿا تن جو اھو پٿر پٿر تي نہ رھندو، جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“

7 انھن پڇيس تہ ”استاد، اھي ڳالھيون ڪڏھن ٿينديون؟ اھا ڪھڙي نشاني آھي جنھن مان خبر پوي تہ انھن ڳالھين جي ٿيڻ جو وقت اچي پھتو آھي؟“

8 عيسيٰ چين تہ ”خبردار، متان ٺڳجي وڃو. ڇوتہ ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ ھر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آھيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اھو وقت اچي پھتو آھي.‘ پر متان انھن جي پيروي ڪئي اٿوَ.

9 بلڪ جڏھن اوھين جنگين ۽ فسادن بابت ٻڌو تڏھن گھٻرائجو نہ، ڇوتہ اھي ڳالھيون پھريائين ضرور ٿينديون، پر پڄاڻي ھڪدم ڪين ايندي.“