لوقا 21:8-14 SCLNT

8 عيسيٰ چين تہ ”خبردار، متان ٺڳجي وڃو. ڇوتہ ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ ھر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آھيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اھو وقت اچي پھتو آھي.‘ پر متان انھن جي پيروي ڪئي اٿوَ.

9 بلڪ جڏھن اوھين جنگين ۽ فسادن بابت ٻڌو تڏھن گھٻرائجو نہ، ڇوتہ اھي ڳالھيون پھريائين ضرور ٿينديون، پر پڄاڻي ھڪدم ڪين ايندي.“

10 پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”قوم، قوم سان وڙھندي. بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي.

11 وڏا زلزلا ايندا، ڪيترن ئي ھنڌن تي ڏڪار ۽ وبائون پونديون. آسمان مان ھيبتناڪ حادثا ۽ ڳرا نشان ظاھر ٿيندا.

12 پر ھنن ڳالھين ٿيڻ کان اڳي ئي اوھين سوگھا ڪيا ويندا. اوھان کي ستايو ويندو، عبادت⁠خانن وارن رھبرن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ جيلن ۾ وڌو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري اوھان کي بادشاھن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو.

13 ان جو نتيجو اھو نڪرندو جو اوھان کي خوشخبري ٻڌائڻ جو ھڪ موقعو ملي ويندو.

14 تنھنڪري پنھنجن دلين ۾ پڪو پھہ ڪريو تہ اوھين جواب ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ڪابہ ڳڻتي نہ ڪندا.