4 ھن وڃي سردار ڪاھنن ۽ ھيڪل جي حوالدارن سان صلاح ڪئي تہ ڪھڙيءَ ريت ھو عيسيٰ کي سندن حوالي ڪري.
5 تنھن تي اھي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ھن کي پيسن جي آڇ ڪيائون.
6 ھن قبول ڪيو ۽ موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ جڏھن ميڙ نہ ھجي تہ ھو عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري.
7 بيخميري مانيءَ جي عيد جو اھو ڏينھن آيو جنھن تي عيد فصح جي قرباني ڏيڻ ضروري ھئي.
8 تڏھن عيسيٰ پطرس ۽ يوحنا کي موڪليو تہ ”وڃو ۽ اسان لاءِ عيد فصح تيار ڪريو تہ اسين کائون.“
9 ھنن کانئس پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين ڪٿي تيار ڪريون؟“
10 تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڏسو، شھر ۾ گھڙڻ سان اوھان کي ھڪڙو ماڻھو ملندو جيڪو دلو پاڻيءَ جو کنيو پيو ايندو، تنھن جي پٺيان وڃجو. جنھن گھر ۾ اھو وڃي تہ اوھين بہ پٺيان وڃجوس.