48 پر عيسيٰ چيس تہ ”اي يھوداہ! تون چمي ڏيئي ابنآدم کي پڪڙائين ٿو ڇا؟“
49 عيسيٰ سان گڏ جيڪي شاگرد ھئا تن جڏھن ھي ٿيندي ڏٺو تہ پڇيائون تہ ”اي خداوند! اسين تلوار ھلايون ڇا؟“
50 انھن مان ھڪڙي تہ ڌڪ ھڻي سردار ڪاھن جي نوڪر جو ساڄو ڪن ڪپي وڌو.
51 تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”بس، گھڻو ٿيو.“ پوءِ ھن انھيءَ جي ڪن کي ھٿ لائي ڇٽائي ڇڏيو.
52 سردار ڪاھن، ھيڪل جا حوالدار ۽ بزرگ جيڪي مٿس ڪاھي آيا ھئا، تن کي عيسيٰ چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاھي آيا آھيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آھيان.
53 آءٌ اوھان سان روزانو ھيڪل ۾ گڏ ھوندو ھوس، پر اوھان اتي تہ مون تي ھٿ بہ نہ کنيو. پر ھاڻي اوھان جو وقت آھي ڇوتہ ھي اونداھيءَ جو راڄ آھي.“
54 انھن عيسيٰ کي پڪڙي وڏي سردار ڪاھن جي گھر آندو ۽ پطرس پرڀرو سندن پٺيان پئي آيو.