13 پلاطس سردار ڪاھنن، اڳواڻن ۽ عام ماڻھن کي سڏائي گڏ ڪيو.
14 کين چيائين تہ ”اوھين ھن شخص تي جا تھمت ھڻي ھت مون وٽ وٺي آيا آھيو تہ ھو قوم کي برغلائي ٿو، تنھن لاءِ مون اوھان جي اڳيان جاچي ڏٺو آھي تہ ھو اھڙي ڪنھن بہ ڏوھہ جو ڏوھاري نہ آھي، جيئن اوھين چئو ٿا.
15 ان کان علاوہ نہ ئي ھيروديس کي ھن ۾ ڪو ڏوھہ نظر آيو، ڇاڪاڻتہ انھيءَ بہ ھن کي اسان ڏانھن واپس موڪليو آھي. ھن اھڙو ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي جو کيس موت جي سزا ڏني وڃي.
18 تنھن تي سڀني وٺي رڙيون ڪيون تہ ”انھيءَ کي ماري ڇڏيو ۽ برابا کي اسان جي خاطر ڇڏي ڏيو.“
19 برابا کي شھر ۾ ڪنھن فساد ۽ خون ڪرڻ سبب جيل ۾ وڌو ھئائون.
20 پلاطس جي مرضي ھئي تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏجي. سو ھن وري بہ ھڪ دفعو ميڙ کي چيو.
21 پر ھنن گوڙ ۽ رڙين سان جواب ڏنو تہ ”صليب تي چاڙھيوس، صليب تي.“